لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني لن??ن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس دوران برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي و??ير ۽ لارڊ طارق احمد پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپ?? جي موجوده رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل لاڳاپ?? جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق س??ن گڏوگڏ گڏيل واپار ۾ اضافي، تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ ا??فاق ڪيو. نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني ۽ لارڊ طارق احمد برطانيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي جي ٻنهي ملڪ?? جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena