لاهور – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي وا??ي ??فا??ي وزير ??ي سربراهي ۾ قومي ايئرلائين جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي عيد کانپوءِ پي آءِ اي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته گذريل حڪومت جي نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ ان جي نااهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ريلوي ۽ هوابازي وا??ي ??فا??ي وزيرخواجه سعد رفيق وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ ۽ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته قومي ايئرلائين کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٻيڙي ۾ جهازن جو انگ 27 کان وڌائي 49 ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ريلوي ۽ هوابازي وا??ي ??فا??ي وزير ??ي پي آءِ اي بابت ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته قومي ايئرلائين خساري مان نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري قومي ايئرلائين يورپ ۽ آمريڪا جا فضائي رستا وڃائي ڇڏيا، گذريل حڪومت جي ان نااهلي جي ڪري قومي ايئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، گذريل حڪومت جي نااهل وزيرن عالمي سيڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو. هن چيو ته پي آءِ اي انهي صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ته ان کي نج منافعي ۽ نقصان جي بنياد تي پيشيور انتظامي ماهر هلائين، قومي ايئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي آهن. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاليسي نظام کڻي اچڻ طرف قدم وڌائي رهي آهي جتي حڪومت جو ??م رڳو پاليسي فيصلا ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو. اجلاس ۾ ??فا??ي وزيرن خواجه سعد رفيق، اعظم نذير ??ارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ??فا??ي وزير ??يد نويد قمر، محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خاص معاون محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي ميمبرن ۾ ناڻي وا??و ??فا??ي وزير ??سحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وا??و ??فا??ي وزير ??واجه سعد رفيق، منصوبابندي ۽ ترقي وا??و ??فا??ي وزير ??حسن اقبال، واپار وا??و ??فا??ي وزير ??يد نويد قمر، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ايوي ايشن جو سيڪريٽري شامل هوندا. اها ڪميٽي اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بحالي جي حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان پنهنجون سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا ۾ پيش ڪندي.
وزيراعظم پاران ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قومي ايئرلائين جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات