اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وزير فيصل جان فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل بن فرحان کي عيد جون ??با??ڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري ??اد?? الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام لاءِ پڻ ??با??ڪباد جو پيغام پهچايو. هن سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا