اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سگريٽ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ ملڪ ۾ سگريٽ جي سمورن ڪارخانن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائ?? جي هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سگريٽ سازي جي صنعت ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ، پوائنٽ آف سيلز ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس جو ڪاٿو وڌائ?? جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ??ئي ته اسمگلنگ ۽ غيرقانوني سگريٽ جي وڪري جي روڪٿام ۾ ايف بي آر کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪيو وڃي. هن ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائ?? جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪر?? جي پڻ هدايت ??ئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته بارڊر ڪراسنگ تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن جي ٽينور پوسٽنگ ڪئي وڃي. هن پڇاڻو ڪيو ته سمورين شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ڇو نه هنيو ويو؟ وزيراعظم شگر ملز تي هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه لڳ?? جي لاءِ ذميوارن جو تعين ڪري انڪوائري رپورٽ پيش ڪر?? جي هدايت ??ئي. هن حڪم ڏنو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي ڪارندن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي، ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي چوري ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. هن هدايت ??ئي ته ٽيڪس گڏ ڪر?? جي حوالي سان قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سگريٽ جي ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اڪثر فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو ويو آهي جڏهن ته باقي تي ان کي لڳائڻ جو عمل جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ موجود فيڪٽرين تي ان کي لڳائ?? جي لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي ايف بي آر پاران غيرقانوني سگريٽ جي وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر 7 لک نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو آهي ۽ هلندڙ سال پنهنجي هدف کي پورو ڪر?? جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. اجلاس کي شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻ?? جي حوالي سان اڳڀرائي تي پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورين شگر ملز ۾ هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه هڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ??ئي ته معيشت جي سمورن وڏن سيڪٽرز ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائ?? جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. ان قدم سان ملڪي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ بهتري ايندي ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم ايندڙ ٻن هفتن ۾ انهن قدمن تي مثبت اڳڀرائي ڪري رپورٽ پيش ڪر?? جي هدايت ??ئي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهازيب خان، طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سگريٽ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ سگريٽ جي ڪارخانن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق