اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آ??ي ته ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، وفاق ڪٿي ب?? اهو ناهي ??يو ته اسان چونڊون نه ڪرائينداسين، چونڊن جو انعقاد حڪومت نه اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جون ڳالهيون جاري آهن، حتي الامڪان ڪوشش آ??ي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون پاڪستان جي حق ۾ ٿين، ان ڏس ۾ قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، قياس آرائين ۾ ڪنهن جو فائدو نه آهي. هن ??يو ته هي اهو ئي آءِ ايم ايف معاهدو آهي جيڪو عمران خان ڪري ويو هو، گذريل حڪومت ان معاهدي کي معطل ڪري ڪئي وئي هئي، موجوده حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ طرف وڃڻ کان بچايو. هن ??يو ته سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ٿورو انتظار ڪريو، آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيندو قوم آڏو آڻينداسين. هن ??يو ته هڪ طرف کان آءِ ايم ايف ڳالهين بابت ذريعن کان خبرون هلائي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ميڊيا کي به گهرجي ت?? اها آءِ ايم ايف ڳالهين بابت حڪومت يا ناڻي واري وزارت جون تصديق ٿيل شيون قوم آڏو آڻي.
ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، وفاق ڪٿي به اهو ناهي چيو ته اسان چونڊون نه ڪرائينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ