اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ويجهو بل??لي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ۾ پوليس اهلڪار سميت هڪ ٻار جي شهادت تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليو اهلڪار ملڪ مان ان ??وذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جنهن تي آئون ??نهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ??و. هن چيو ته شرپسند عنصر ملڪ مان ??وليو جي خاتمي جي ان ??هم کي روڪڻ ۾ سدائين ناڪام رهندا ۽ پاڪستاني قوم قانو?? لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليو اهلڪار شرپسند عنصرن جي اهڙي ڪڌي ڪوشش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. وزيراعظم چيو ت?? ملڪ مان ??وليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت ملڪ مان ??وليو جي خاتمي تائين سک سان ??ه ويهندي، مون ??ميت سموري قوم جون همدرديون ??هيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados