اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي بر??دري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاو?? ڪرڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيڪريٽري ??نر?? چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪ??و آهي. هن چيو ته هن م??ڪل صورتحال ۾ عالمي بر??دري کي پاڪستان سان تعاو?? ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، اهو منهنجي دل جي ويجهو آهي. پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون م??ڪلاتون بر??اشت ڪيون آهن. هن چيو ته هو عالمي بر??دري کي ان م??ڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري ??نر?? کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول پاڪستان جي هٿياربند فوج متاثرين کي هر ممڪن م??د فراهم ڪئي، انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ سان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. اسان جي آڏو تمام وڏو چئلينج آهي. هن م??ڪل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? جا پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سيڪريٽري ??نر?? کي ان مقوعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ هڪومت پاران م??اثرين جي مدد جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي: انتونيو گوتيرس
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے