نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي نوشهره ۾ ٻ??ڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻ??ڏ واري صورتحال ۽ ر??سڪيو جي لاءِ ق??من تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ??ار??ياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores