اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهروارن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ٻارن ??ي اسڪول کان وٺڻ لاءِ ويندڙ والد جي شهادت تي افسوس آهي، وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ پوليس اهلڪارن تي وڌندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد پوليس سب انسپيڪٽر کي شهداءَ پيڪيج ڏن?? وڃي، ٻا??ن جي تعليم ۽ گهروا??ن جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف، انجنيئر امير مقام کي شهيد پوليس اهلڪار لاءِ مال?? مدد کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ گهروا??ن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل جي شهادت تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت