اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تر??ي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سان ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو، تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارن کي ??عليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي ??طر?? حڪومت جا ٿورائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفير چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي ??هميت ڏي ٿو، قطر پاڪستان سان سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، قطر 10 لک ٻارن کي ??عليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته ??طر?? فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي تر??ي جي لاءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي تعمير ۽ تر??ي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن