اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته پوري ق??م متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي ۽ نسلي تعصب پکيڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي، آئون اڄ پوري ق??م کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪستاني ق??م جا حوصلا ڪمزور نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري پاڪستاني ق??م کي ان ??رد??اڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن بزدل شرپسند عنصرن اسان جي ق??م جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، اڄوڪو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي پنهنجي شا??رد?? جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر بيٺا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. وقت ٿابت ڪيو آهي ته بي شڪ دهشت??رد?? جو ڪو مذهب يا قوم ناهي ه??ند??، ان جي پويان اها بزدلاڻي سوچ ه??ند?? آهي جيڪا پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ هٿين خالي معصوم ٻارن کي به استعمال ڪري سگهي ٿي، آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ڏينديون، ان سانحي کانپوءِ بهادر پاڪستاني ق??م جا حوصلا ڪمزور ٿيڻ بدران دهشت??رد?? جي خلا?? وڌيڪ بلند ٿيا. پوري ق??م متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان تحت دشمنن کي انهن جي ٺڪاڻن ۾ ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ پوري ق??م کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪساتني ق??م جي حوصلن کي ڪڏهن ڪمزور نٿو ڪري سگهي.پاڪستان قوم جي عزم، حوصلي ۽ همت کي شرپسند عنصرن جڏهن ته ڪمزور ڪرڻ ??ي ڪوشش ڪئي، انهن کي منهن جي کائڻي پئي، اڄوڪي ڏينهن اچو گڏجي وچن ڪريون ته پوري ق??م متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي، نسلي تعصب پکڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي. وزيراعظم آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو فرمان آهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت نه آهي جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي.
وزيراعظم پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ