اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پنا??ه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنيون پاڪستاني نوجوانن جي تربيت سان گڏوگڏ ??يڪ??الاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪان ترزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا نوجوان انفارميشن ??يڪ??الاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عالمي ڪمپنين مان وڏو فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پنا??ه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ عالمي ڪمپنين کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ??يڪ??الاجي جي منتقلي ۽ نوجوانن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم به ملاقات ۾ موجود هئا.
وزيراعظم پاران عالمي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ