اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ا??غا??ستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آ??ڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، ام?? ۽ استحڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آهن، بگاڙ پيدا ٿيو ته ڪو به بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ا??غا??ستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان ا??غا??ستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گهرايو ۽ هاڻي اسان چين جي طرف وڃ?? رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪر?? رهيا آهيون، اسان ڪنهن کي قائل ڪر?? رهيا آهيون جنهن کي قائل ڪرڻو آهي جيستائين اهو ميز تي نه هوندو ته اهي گفتن، نشتن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان لاءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته بيجنگ اجلاس ۾ طالبان کي دعوت ڏينداسين ته جيئن انهن جي خدشن کي به ٻڌي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اسان دنيا سان شيئر ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن ا??غا??ستان ۾ ام?? قائم ٿئي ٿو ته ان جا گلوبل ۽ علائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ پيدا ٿيو، پاڪستان متاثر ته ٿيندو پر توهان به بچي نه سگهندا، اهو چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، اسان تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.
افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر