اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ت??ين ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي و??ير??عظم عمران خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هد??يت ڪئي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن مان ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. و??ير??عظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هد??يت ڪندي چيو ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاران و??ير??عظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هد??يت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ