دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي ??نگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ عل??ئقائي صورتحال تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي ??صيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي وبا د??را?? چين پاران پاڪستان سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ تمام گهڻو تعاون ??يو آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ جامع عل??ئقائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ??يو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي ??تفاق ??يو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويج??ا رابطا هموار رکندا.
وزيراعظم سان چيني پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب