اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ??اب?? اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي، اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ ??اب?? ڪا??ين?? ڪميٽي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ??زارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري ??زارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو چونڊ عمل ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، اي وي ايم جي استعمال سان اليڪشن جي شفافيت کي ممڪن بڻائي سگهبو. هن چيو ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ??اب?? عوامي راءِ کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ??اب?? اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪامسيٽس ۽ ٻين ادارن جي اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي واري ??اڙيسري ??لڪ پنهنجي چونڊن کي اي وي ايم ذريعي قابل قبول بڻايو آهي. ڊاڪٽر ??اب?? اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آهيون جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت اهم قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ اي وي ايم جي حوالي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اجازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار نه ڏنو ويو هو. اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ ??اب?? ڪا??ين?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪا??ين?? جي فيصلي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏيڻ ??اب?? غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ ??اب?? بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري ??زارت جي ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي سسٽمز جي اپ گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ??زارت اي وي ايم کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص اجلاس گهرائيندي ته جيئن ڪا??ين?? جي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. اي وي ايم کي مختلف باڊيز جي اليڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته حتمي فيصلو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته وفاقي ڪا??ين?? چونڊ سڌارن خاص طور تي اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ??اب?? هدايت ڪئي آهي ته اي وي ايم ??اب?? عوامي راءِ جي لاءِ متحرڪ مهم شروع ڪئي وڃي. ڪا??ين?? وڌيڪ هدايت ڪئي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جي ماڊل کي پڻ شامل ڪيو وڃي. وفاقي ڪا??ين?? 18 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ پنهنجي اجلاس ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ??فاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري ??فاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسواءِ ڪا??ين?? 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي هئي ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ ص??ف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارن ??اب?? ٿيندڙ اڳڀرائي ??اب?? ڪا??ين?? جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪا??ين?? جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني. ان کانسواءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ??زارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جو ماڊل مظاهري جي لاءِ 17 جولاءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي اي ۽ نسٽ جي ذريعي تيار ڪيو ويندو.
اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آهي: چوڌري فواد حسين/ڊاڪٽر بابر اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار