اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ لاهور سينٽرل بزن?? ڊسٽرڪٽ منصوبو لاهور شهر جي مسئلن جي حل ۽ خاص طور تي معاشي سرگر??ين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، منصوبن تي بنا دير جي اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن راوي سٽي ۽ لاهور سينٽرل بزن?? ڊسٽرڪٽ تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئر??ين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ايل ڊي اي جو وائيس چيئر??ين شيخ محمد عمران جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين، پنجاب جو هائوسنگ وارو صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو سي اي او عمران ا??ين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ ماحولياتي تحفظ کي ترجيح ڏيندي قائم ??يل 24 هزار ڪينال تي ٻڌل جهوڪ فاريسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ٻيلو هوندو جنهن جي نگراني سمارٽ سينسرز جي ذريعي ڪئي ويندي. منصوبي ۾ ٽيڪنيڪي مدد لاءِ هواوي ڪمپني سان حصيداري ڪئي وئي آهي، وڌيڪ منصوبي ۾ 150 ايڪڙ تي قائم ??يل نالج پارڪ ان جو هڪ اهم حصو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ اربن فاريسٽ جي جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جنهن تحت منصوبي ۾ نه رڳو موجوده ٻيلن جو تحفظ ۽ نالج پارڪ جو قيام شامل آهي پر پبلڪ پارڪس، بوٽينيڪل گارڊنز، برڊ سينڪچريز، بٽر فلائي پارڪس ۽ باغ به قائم ڪيا پيا وڃن، وڌيڪ اهو ته بٽر فلائي پارڪس کي عالمي طرز تي ماهرن سان مشاورت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ 2000 ايڪڙ تي قائم ??يل پاڪستان جي پهرين قابل تجديد صنعتي زون ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ صنعتون قائم ٿينديون، صنعتي زون ۾ آءِ ٽي پارڪ، ڪولڊ اسٽوريج، لينڊ فل سائٽس، گهٽ آلودگي واري/ گرين انڊسٽري، گرين ريزرو ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ شامل آهن، ان کانسواءِ منصوبي ۾ گند ڪچري مان بجلي ٺاهڻ جو پلانٽ به لڳايو ويندو، اجلاس کي سيفائر بي تي اڳڀرائي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. سينٽرل بزن?? ڊسٽرڪٽ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 4 آگسٽ 2021ع تي ان جي پهرين مرحلي ۾ 5 پلاٽن جي نيلامي ڪئي ويندي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سيڙپڪار شريڪ ٿي رهيا آهن ۽ ان مان 13 ارب جو روينيو متوقع آهي، پهرين مرحلي جي نيلامي کانپوءِ فورن ان جي ٻي مرحلي جو آغاز ڪيو ويندو، وزيراعظم ٻنهي منصوبن کي قومي سطح تي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته ٻئي منصوبا لاهور شهر جي مسئلن جي ازالي ۽ خاص طور تي معاشي سرگر??ين جي فروغ جي ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن هدايت ڪئي ته منصوبن تي بنا دير اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. ان کانسواءِ وزيراعظم سيفائر بي تي ڪم جي رفتار کي تسلي بخش قرار ڏنو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي سٽي ۽ لاهور سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا