پشاور – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سڀئي لاڳاپيل ادارا سينيٽ چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت ٿيند?? ڪوششن تي نظر رکڻ لاءِ متحرڪ آهن، جيڪو به ان ا??يڪشن ۾ بدعنواني جو سهارو وٺندو يا بدعنواني جي ڪوششن جو شڪار هوندو ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اطلاعات واري خصوصي صلاحڪار ڪامران بنگش سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ چونڊن جي حوالي سان صدارتي ريفرنس بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ تاريخي اهميت رکندڙ آهي ۽ ان راءِ مان ا??و لڳي ٿو ته سينيٽ چونڊون آئين جي آرٽيڪل 226 تحت ئي ٿينديون، تنهن هوندي به سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ اليڪشن جي شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ٻيا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو آهي ته ”سيڪريسي آف بيلٽ“ دائمي ناهي، تن??ن ڪري هاڻي اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته هو ڪهڙي طرح اهو يقيني بڻائي ٿو ته بليٽ پيپرز جي سيڪريسي دائمي نه رهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ??ظر??و آهي ته ملڪ ۾ هر حوالي سان شفافيت ۽ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪرپشن فري سوسائٽي جي قيام طرف وڌيو وڃي، تنهن هوندي به هن وقت ملڪ ۾ ٻن ??ظر??ن جي جنگ وڙهي پئي وڃي، هڪ ??ظر??و پي ٽي آءِ جو آهي جنهن سان گڏ هو ساڄي طرف بيٺل نظر اچي ٿي، جڏهن ته ٻيو ??ظر??و مخالف ڌر جو آهي جيڪا ”اسٽيٽس ڪو“ چاهي ٿي ۽ ضمير خريد ڪرڻ جي ??يا??ت جي فروغ تي يقين رکي ٿي، ان ??ظر??ي سان مخالف ڌر کاٻي طرف بيٺل نظر اچي ٿي. هن چيو ته ان ??ظر??ي تحت اسلام آباد کان سينيٽ جي سيٽ تي مخالف ڌر پنهنجو اميدوار لاٿو آهي ۽ مخالف ڌر جي ڪوشش آهي ته نمبر گيم ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ميرٽ جو قتل عام ڪري ان ا??يدوار کي جيڪو بدعنواني ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۾ملوث رهيو آهي، کي ڪامياب ڪرايو وڃي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر اميدوار جي مقابلي ۾ اسلام آباد سيٽ لاءِ حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ ايماندار ۽ قابل ماڻهو آهي ۽ هو ڪامياب ٿيندو، هن چيو ته عام چونڊن وانگر سينيٽ چونڊن ۾ به ووٽرز شخصيتن کي نه پر عمران خان جي ??ظر??ي کي ووٽ ڏيندا ۽ عمران خان پاران ميدان ۾ لاٿل اميدوار ڪامياب ٿيندو.
سڀئي لاڳاپيل ادارا سينيٽ چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت ٿيندڙ ڪوششن تي نظر رکڻ لاءِ متحرڪ آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil