اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن مان وڏي پئماني تي وسيلن جي غير قانوني منتقلي ترقي، غربت، اڻ برابري ۽ سياسي عدم استحڪام جو بنيادي سبب آ??ي، رقم جي غير قانوني منتقلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي مضبوط بڻائڻو پوندو، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرين ملڪ مالياتي ڏي وٺ کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گڏيل قومن کي ٽيڪس سڌارن ۽ مني لانڊرنگ بابت نوان قدم کڻڻا پوندا، رقم جي غير قانوني منتقلي جي حوالي سان محفوظ تصور ڪيل ملڪن کي چو??ي ٿيل غير ملڪي اثاثن جي ??وري ۽ غير مشروط واپسي جو وچن ڪرڻو پوندو، عالمي مالياتي نظم ۽ نسق کي بهتر بڻائڻ گهرجي، ٽيڪس جي ??عاملن، بدعنواني ۽ غير قانوني مالي مدد کي منهن ڏيندڙ عالمي ادارن کي اسرندڙ ملڪن جي خلاف دٻاءُ ۽ ڏاڍ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 2030ع جي ترقياتي ايجنڊا حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته مالي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب سندس لاءِ خوشي جو سبب آ??ي. وزيراعظم چيو ته اڍائي سال پهرين جڏهن هن اقتدار سنڀاليو ته ملڪ جو خزانو خالي هو ۽ وڏا واپاري ۽ مالياتي خسارا درپيش هئا پر ان کان به وڌيڪ اسان جي ??لڪ مان غير قانوني طور تي رقم جي ??نتقلي ٿي، عبوري رپورٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سياسي ۽ سرڪاري بدعنوانين سان گڏوگڏ ڏوهن ۽ ٽيڪس چو??ي جي ڪري کربين ڊالر هر س??ل اسرندڙ ملڪن کان ٻاهر منتقل ٿيندا آهن، 7 ٽريلين ڊالر جي چو??ي ٿيل اثاثا مالياتي لحاظ کان محفوظ ملڪن ۾ پيل آهن. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن مان وڏي پئماني تي وسيلن جي ??نتقلي، انهن جي ترقي، غربت، اڻبرابري ۽ سياسي عدم استحڪام جو وڏو سبب آ??ي، گذريل سال سيپٽمبر ۾ عبوري رپورٽ تي غور دوران هن ڪيترائي عالمي پاليسي قدم تجويز ڪيا هئا جنهن ۾ چو??ي ٿيل اثاثن جي ??وري واپسي، بدعنواني، ڏوهن ۽ ٽيڪس چو??ي ۾ مدد ڪندڙ مالياتي ادارن، وڪيلن، اڪائونٽنٽ ۽ ٻين ماڻهن لاءِ سزائون، ڪمپنين جي بينيفيشل اونرشپ کي سامهون آڻڻ، عالمي سطح تي گهٽ کان گهٽ ڪارپوريٽ ٽيڪس، منصفاڻو ڊجيٽل ٽيڪس لڳائڻ، غير مساوي سيڙپڪاري معاهدن جو جائزو وٺڻ ۽ نظرثاني ۽ غير قانوني طور تي مالي وسيلن جي ??نتقلي جي ??گراني لاءِ گڏيل قومن تحت هڪ جامع طريقيڪار جو قيام شامل آهي.
وزيراعظم پاران عالمي مالياتي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي ورچوئل خطاب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام