اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان شروع ڏينهن کان افغانست??ن جي مسئلي کي سياسي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو آيو آهي، آمريڪي ا??تظاميا سندس سوچ سان اتفاق ڪندي ا??غانست??ن جي مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي سوچ تبديل ڪئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته پاڪست??ن جو امن ۽ استحڪام افغانست??ن جي ا??ن سان واڳيل آهي، افغانستان ۾ اهڙا ٺڪاڻا موجود آهن جتان پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪست??ن جي 10 جوانن شهادت ماڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ثا??ت ڪيو ته اهي ملڪ جي تحفظ لاءِ پنهنجي رت سان ملڪ جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻين ٿا.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II