اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسان جي تاريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ان ڏينهن اسان جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي غاصباڻي طرز عمل کي شڪست ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظهار صدر جمعي ڏ??نهن هتي پ??يڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي منع??د تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سوشلسٽ جمهو??يه سريلنڪا جي صدر ميٿري پ??لاسري سينا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، نيول چيف ظفر محمود عباسي، دفاع و??رو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وزير، مختلف ملڪن جي فوجي آفيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چيو ته 23 مارچ 1940ع تي اسان جي بزرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جو استحصال ڪيو وڃي، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته اها شاندار پريڊ اسان جي خوابن جي هي هڪ حسين تعبير آهي، هن چيو ته هن اهم ترين قومي ڏ??اڙي جي موقعي تي اسان جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏ??اڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پ??لاسري سينا به خصوصي طور تي پ??ڪستان آيو آهي جنهن تي سڄي پ??ڪستاني قوم سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania