گڏيل قومون- 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تحت ڪائونسل ۾ آف??يقا جي نمائندگي وڌائي ان خطي مان تاريخي نا انصافين جو ازالو ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آ??ي ته اهڙي طرح ڪائونسل کي وڌائيندي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جوابده بڻائي سگهجي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ آف??يقا جي اثرائتي نمائندگي وڌائڻ جي حوالي سان هڪ مباحثي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان آف??يقا سان ٿيل تاريخي نا انصافين يعني ان تي قبضي، ڏاڍ، استحصال ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڍا??چي ۾ گهٽ نمائندگي جو اعتراف ڪريون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان آف??يقا جي ان مطالبي سان اتفاق ڪري ٿو جيڪو ايزلويني اتفاق راءِ ۾ آف??يقا جي خطي جي مساوي نمائندگي لاءِ طئي ڪيو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي چئن رياستن، ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان جي مطالبي کان بلڪل مختلف آهن جيڪي پنهنجي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک