ٽوڪيو-02 جنوري (اي پي پي) جاپان ۾ گذريل ڏينهن 7.6 جي شدت جي زلزلي سبب 30 ماڻهو فوت ٿي ويا. شنهوا مقامي عملدارن جي حوالي سان ٻُڌايو ته سينٽرل جاپان ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد زلزلي کان پوءِ اشيڪاوا تي پريفيڪچر عمارتون ڪِرڻ ۽ با??ه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي?? آهن. زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون پڻ ڊهي پيون. رستن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ رهائشي علائقن ۾ با??ه لڳي وئي ۽ اٽڪل 36 هزار گهر بجلي جي سهولت کان محروم ٿي وي?? آهن. مشهور سياحتي ماڳ وجيما مارننگ مارڪيٽ جو وڏو علائقو با??ه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، جنهن سبب 200 عمارتون با??ه هيٺ رهيون. جاپان جو سيلف ڊفينس فورس زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔