رملا -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جو هڪ وفد هلندڙ هفتي اسرائيل جي اولهندي ڪناري ۾ واقع رمله شهر جو دورو ڪندو ۽ اتي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته اسرائيل ۽سعودي عرب وچ ۾ امن معاهدي کي يقيني بڻائڻ جون سفارتي ڪوششون جاري آهن، جنهن ?? فلسطين لاءِ مراعتون شامل ٿي سگهن ٿ??ون. سعودي خابرو اداري مطابق هڪ فلسطيني عهديدار ٻڌايوته وفد جي قيادت فلسطين ۾ سعودي سفير ڪندو، جنهن جي مقرري گذريل مهيني ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ اسرائيل جو وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو گذريل هفتي چيو هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معمول جا ناتا قائم ڪرڻ جي معاهدي تائين پهچڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان دوران آمريڪي عهديدارن اشارو ڏنو آهي، ته واشنگٽن جو اسرائيل سان دفاعي معاهدو ۽ سعودي عرب لاءِ سويلين ايٽمي پروگرام سميت ڪو به معاهدو متوقع آهي. واضح رهي ته آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن ڳالهيون 2014ع ۾ ڪٽجي ويون هيون ۽ بعد ۾ تشدد جي لهر سبب ٻنهي ڌرين وچ ۾ ناتا هاڻي تائين خراب هئا جنهن سان امن ڳالهيون بحال نه ٿي سگه??ون.
سعودي عرب جو وفد والاريل اولهندي ڪناري ۾ رامله جو دورو ڪندو:فلسطيني عهديدار
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل