والاريل بيت المقدس -10 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عملي ۽ ڊونرز ملڪن جي نمائندن اسرائيلي حملي ??بب تباهه ٿيل جنين پناهگير ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ هتي اسرائيل جي ٻن ڏهاڙن ج?? فوج?? ڪارروائي ??بب تباهي جي خوفناڪ منظرن ۽ نقصانن جو مشاهدو ڪيو. هن فوج?? ڪارروائي ۾ 4 ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا شهيد، 140 زخمي ٿيا. جڏهن ته تقريبن 900 گهرن کي نقصان پهتو آهي. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي ڊپٽي ڪمشنر جنرل ليني اسٽينسٿ چيو آهي ته دوري جو مقصد جنين مهاجر ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو ۽ کين اهو يقين ڏيارڻ هو ته هن م??ڪل وقت ۾ اسان ساڻن گڏ آهيون. وفد ۾ ايجنسي جي اولهندي ڪناري جي فيلڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ايڊم بولوڪوس ۽ گڏيل قومن جي رهائشي ۽ انساني همدردي جي ڪو آرڊينيٽر لن هيسٽنگز ۽ عالمي ڊونر ڪميونٽي جا ڪيترائي سينئر نمائنده پڻ شامل هئا. ليني اسٽينسٿ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته جنين ۾ خوفناڪ تباهي ڏٺي ڪجهه گهر مڪمل طور سڙي ويا هئا. تارون ڀتين سان ٽڪرايون ويون هيون ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو ايستائين جو ان اداري طرفان قائم ڪيل هيلٿ سينٽر به تباهه ٿي ويو. هن ٻڌايو ته جنين پناهگير ڪيمپ جا رهواسي اسرائيلي حملي کان بيحد خوفزده آهن. جنين پناهگير ڪيمپ ۾ تقريبن 24 هزار ماڻهو رهائش پذير آهن. هتي قائم يو اين آر ڊبليو اي جو هيلٿ سينٽر ايستائين تباهه ٿي ??يو جو ان کي وڌيڪ استعمال جي قابل نٿو بڻائي سگهجي.
اسرائيل جي حملي کان پوءِ جنين ۾ تباهي جا خوفناڪ منظر ڏٺا: گڏيل قومن جي عورت عهديدار جي جنين دوري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات